ٻني (عمل)

ٻَني: اُٺ کي ’ھلڻ‘ سيکارڻ وقت اٺ کي پٺيءَ اگھاڙو ھلائبو آھي. فقط پڇ جي مٿان رلي يا ڳوڻ ٻڌي، ان تي اوٺي ويھي، اٺ کي ھلائيندو، انھيءَ ٽپڙ کي ’ٻني‘ چوندا آھن. بارگير وھٽ جي پٺيءَ تي ٻني مثل ڊگھو ٻٽو رکيل پِيڙھو، جيڪو ڳوڻ جي ڳوٿريءَ ۾ ڪک ۽ بُوسو ڀري ٺاھبو آھي، جنھن جي رکڻ سان وھٽ کي پٺن تي بار سبب زخم نه ٿيندا آھن .


هن صفحي کي شيئر ڪريو